پير ڳوٺ شڪارپور

پير ڳوٺ شڪارپور: هيءُ ڳوٺ پير ڳوٺ جي نالي سان شڪارپور کان پنجن ميلن جي فاصلي تي سنڌ واهه جي ڪپ تي آباد آهي. جڏهن حضرت پير خواجه غلام محي الدين سرهندي رح پنهنجي خاندان 1221هه/1806ع ۾ ٻيهر سنڌ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ته سنڌ جي ميرن سندس گھڻي عزت ڪئي ۽ کيس ڪيترائي ايڪڙ زمين جاگير طور ڏني. يعني هيءُ ڳوٺ به سرهندي بزرگن جو ٻڌايل آهي. خواجه غلام محي الدين جو هڪ فرزند حضرت پير فدا محي الدين رح وفات 1262هه پنهنجي جاگير واقع پير ڳوٺ ۾ رهندو هو، جتي سندس مزار تي عاليشان مقبرو جڙيل آهي. ان کان علاوه هتي مسجد شريف پير محمد اشرف جان سرهندي نقشبندي موجود آهي، جيڪا هن وقت زبون حالت ۾ آهي، پر فنِ تعمير جو نادر نمونو آهي. خواجه امير حيدر سرهندي ۽ ٻين بزرگن جون مزارون آهن. حقيقت ۾ هيءُ ڳوٺ عوام ۽ خاص لاءِ زيارت گاهه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو